مورو (ن پ ا) مورو ويجھو قومي شاهراھ تي لنجار ھائوس جي سامھون تير رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار نوجوان رحيم عرف ٺوڙھو ماڇي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏھن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو.