سيوھڻ(ن پ ا) سيوھڻ ۾ فيس بڪ تي شھرت حاصل ڪندڙ مولوي محمد نواز ملاح سيوھاڻي پنھنجي والد غلام اڪبر ملاح کي ڇرو ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو آھي بعد ۾ سندس والد جي فرياد تي سيوھڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته محمد نواز ملاح ملڪيت جي ورھاست تان مسلسل جھيڙو ڪندو رھي ٿو ۽ ھو رات جي وقت ٻن نامعلوم ٻٽ ٻڌل ھٿيار بندن سان منھنجي گھر داخل ٿي منھنجي مٿان پسٽل سڌو ڪيو ۽ سندس ھٿ ۾ ڇرو ھيو ۽ مون کي مارڻ جي ارادي سان ڌمڪيون ڏيندي ۽ گار گند ڪرڻ بعد مون کي مٿي ۾ ڇرو ھنيو ۽ مان رتو رت ٿي ويس بعد ۾ منھنجي رڙين تي ڀائرن پرويز ۽ علي نواز ملاح ڇڏائي ورتو ۽ ھو موقعي تان فرار ٿي ويا. جڏهن ته ٻئي طرف واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد سيوھڻ پوليس مولوي محمد نواز ملاح کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.