خيرپور (رپورٽر) اينٽي ڪرپشن پوليس ڪراچي ۽ سکر جي ٽيم فرسٽ سول جج محمد قابل مهر کي ساڻ ڪري اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن سکر عبدالحق قريشي جي سربراهي ۾ پبلڪ هيلٿ آفيس خيرپور تي اوچتو ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران پبلڪ هيلٿ آفيس جا عملدار ۽ ملازم ٽيم کي ڏِسي آفيس مان کِسڪي ويا، اينٽي ڪرپشن ٽيم پبلڪ هيلٿ آفيس خيرپور جو سال 2018ع کان 2021ع تائين جو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته پبلڪ هيلٿ آفيس جي عملي پاران گذريل 4 سالن دوران مختلف اسڪيمن جي مد ۾ ڪروڙين رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو شڪايتون ملڻ تي اينٽي ڪرپشن جي ٽيم پاران پبلڪ هيلٿ آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي.