ڏهرڪي/اوٻاوڙو (رپورٽ: اعظم سهرياڻي+ نذير احمد ٿھيم ) ڏهرڪي، ميرپور، اوٻاوڙو سميت گهوٽڪي ضلعي جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ڄام فتاح سميجو، حاتن شر، تراب علي، لطف ميان، سيد لعل شاهه، ڀرچونڊي پير ميان حامد، ميان منظور، مٽل خان مهر، رضا محمد مهر، محمد صادق سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏهرڪي کان سوين آبادگارن پاران گاڏيون ڀري ريلي ڪڍي گڊو بئراج جي پل تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا نعرا، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گهوٽڪي فيڊر ۾ 12 هزار ڪيوسڪ بدارن 23 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو ويو، جنهن سبب گهوٽڪي جي واهن مان واري اڏامي رهي آھي، آبادگار هن وقت تائين فصل پوکي به ناهن سگهيا ،پاڻي نه پهچڻ سبب سخت پريشان آهيون، آبادگارن جي 5 ڪلاڪ ڌرڻي سبب روڊ تي گاڏين جو قطارون لڳي ويون، جنهن بعد آبپاشي عملدار مظفر ڀٽو ۽ ٻين ڌرڻي واري هنڌ پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي ته ٻن ڏينهن اندر گهوٽڪي فيڊر کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو ويندو، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو. ڌرڻي دوران جهونو آبادگار اڳواڻ ڪامريڊ مير مهر نعرا هڻندي گرمي سبب بيهوش ٿي ويو، جنهن کي فوري طور تي اسپتال پهڇايو ويو.