سيوهڻ (ن پ ا) سيوهڻ واسي نينگر پر اسرار بيماري ۾ ورتل آهي، جنهن جو سڄو چهرو ڪارو ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ لال باغ جي ڀرسان پاڪستان ايئر فورس پاران لڳايل ٽينٽ سٽي ۾ پاڪ آرمي جي ميجر عامر جي نگراني ۾ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي جيڪا اسرا يونيورسٽي ۽ پاڪ آرمي جي گڏيل سھڪار سان قائم ڪئي وئي آهي. جتي سيوھڻ جي يوسي ٽلٽي جي ڳوٺ مياڻي مان آيل ٻوڏ متاثر ٻارنھن ورھين جي نينگر دلشير لغاري کي سندس مائٽ ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ڏيکارڻ لاء پھتا جتي ڊاڪٽرن ڏٺو ته سندس چھري تي اکين کان وات تائين ڪارو نشان ۽ وار ڄميل ھئا جنھن کي ڊاڪٽرن جي ٽيم ڄاڻايل نينگر کي  چيڪ اپ ڪيو اتي موجود نينگر جي پڦاٽ ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته ھن نينگر کي ھي مسئلو پيدائشي آهي ۽ چنڊ گرھڻ دوران ٿيو ھو اسان ھن کي مختلف شھرن جي اسپتالن ۾ ڏيکاريو آهي  پر ھن مرض جي علاج لاء ڊاڪٽر ھڪ لک کان وڌيڪ رقم گھري رھيا آھن ۽ اسان وٽ علاج لاء پئسا ناھن ھن چيو ته اسان غريب پورھيت آھيون ۽ ٻوڏ ۾ گھر به ڊھي پٽ پئجي ويا آهن جنھن ڪري سندس علاج نٿا ڪرائي سگھون. ان موقعي تي ڊاڪٽر جو چوڻ ھو ته ھن نينگر جي اسڪن جو مسئلو آھي ۽ ھن نينگر جو فوري طور ڪراچي جي ڪنھن اسڪن جي اسپليسٽ ڊاڪٽر  کان علاج ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾  ھن نينگر جي چھري تي وڌيڪ وار ۽ ڪارو نشان وڌڻ سبب کيس ڪينسر ٿيڻ جو خدشو ٿي سگھي ٿو. ٻن ڏينهن لاء لڳايل طبي ڪئمپ ۾ ھڪ ڏينهن اندر 600 مريضن کي تپاسي دوائون ڏنيون ويون.