جاتي(ن پ ا)   جاتي جي ساحلي پٽي جي قديمي ڍنڍ گڏاپ ڍنچ ۽ سوين ايڪڙ زمين تي مبينا قبضي خلاف شهرين ڌرڻو هڻي 6 ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جمعون ملڪاڻي، فيضو ڌانڌل، نياز ڌانڌل، وفا حسين شاهه، عادل لغاري، اشرف ٿهيم، ذوالفقار ترڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻالواهه بس اسٽاپ تي ڇھ ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن چيو ته بااثر پٺاڻن پاران هٿيارن جي زور تي گڏاپ ڍنڍ ۽ ان ڀرسان سوين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ مقامي ڳوٺن عبدالرحمٰن ڌانڌل،بشير ڌانڌل سميت مختلف مقامي ڳوٺاڻن کي مڇي جو شڪار نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ زمين تي به هٿيار بند ويهاري ڇڏيا آهن جن زمين تي مقامي ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي وڃن ٿا ته انهن تي تشدد ڪري کي بڄايو ڇڏين،هنن چيو اسان ملاحن ڌانڌلن ٿهيمورن توڙي ٻين برادرين جو گذر سفر مڇي جهينگي ۽ پالتو جانورن تي آهي جنهن روزگار تي بااثر پٺاڻ قابض بڻيل آهن اسان کان ماني گهراھُ کسي ورتو آهي هنن سنڌ حڪومت ۽ اعلي اختيارين کان گهر ڪندي بااثرن پاران ڪيل ڍنڍ ۽ زمين تان تي قبضو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن رهواسين پاران هنيل ڌرڻي کي سخت گرمي ڇھ ڪلاڪ گذرڻ باوجود سندن ڌانهن ٻدڻ لاءِ انتظاميان جو ڪو  آفيسر نه پهتو جنهن بعد سخت گرمي ۾ رهواسين مايوس ٿي ڌرڻو ختم ڪيو.