سيوهڻ (ن پ ا) سيوهڻ ويجھو آمري ٿاڻي جي حد ڳوٺ گرواري ۾ ٻارن جي ٿيل معمولي ڳالھه تان گائنچا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار کي 20 سال گذرڻ باوجود نبري نه سگھيو آهي. هٿياربندن غريب پورهيتن جي گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. متاثر ڳوٺاڻن مجنون گائنچو، علي گل، سارنگ، محمدسومر ۽ سهراب گائنچو جي اڳواڻي۾احتجاج ڪيو ويو. ڳوٺاڻن دانهيندي چيوته اسان جا پنھنجا ماما آھن ۽ ٻارن جي معمولي ڳالھه تان ٿيل جھيڙي کي 20 سال گذري ويا آهن پر ايترا سال اھو مسئلو حل ناھي ٿي سگھيو . ھنن الزام هنيو ته برادري جي وچ ۾ ڇڇر برادري جي ھڪ بااثر وڏيري خادم ڇڇر جي چرچ تي جوابدار عدل، فضل، لالو، منظور، مهير ۽ جمن گائنچو هٿيارن جي زورتي اسان جي گهرن ۾ گهڙي اسان جي گهرڀاتين پيرسن عورتن ۽ مردن کي يرغمال بنائي تشدد جو نشانو بنائي زخمي ڪيو ۽ گهرن مٿان فائرنگ ڪري علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيداڪئي آھي. ڪيترائي ڀيرا آمري ٿاڻي تي دانهون کڻي ويا آهيون پرپوليس بااثرن کان رشوت وٺي سندن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪري. جوابدارن اسان جوجيئڻ جنجال ڪري ڇڏيوآھي ۽ اسان جي زندگي کي خطرو ھئڻ ڪري رات جو پنهنجي گهرن اندر سمهي به نٿاسگهون متاثر ڳوٺاڻن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشوروکان مطالبوڪيوته بااثر وڏيرن ۽ ڄاڻايل جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي..