جيڪب آباد/همايون شريف (نمائندن وٽان) ھمايون شريف لڳ معرفاڻي ڪوريجا تڪرار تان نوجوان جي قتل ۽ هڪ ڄڻي جي اغوا جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل، وارثن جو لاش رکي 4 ڪلاڪ ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، اغوا ٿيل نوجوان بازياب. خبر موجب ڪوريجا برادري جي ٻن ڳوٺن نواب خان ڪوريجو ۽ شعيب ڪوريجو تي هٿياربندن جي حملي ۾ هڪ ڄڻي جي مارجڻ ۽ هڪ ڄڻي جي زخمي ٿيڻ واري واقعي خلاف وارثن مقتول وقار ڪوريجو جو لاش قومي شاھراھه تي رکي شعيب ڪوريجو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ سوين گاڏين بيهجي ويون. چئن ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ ڌرڻي واري ھنڌ پھچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪري روڊ کوليو ويو. هوڏانهن سلطان ڪوٽ ۽ ڳڙهي ياسين پوليس جھان واھه واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري اغوا ٿيل الطاف ڪوريجو کي بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن موجب نوجوان وقار ڪوريجو جي قتل جو ڪيس 24 جوابدارن خلاف مقتول جي پيءُ حليم ڪوريجو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، آباد ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ الھداد مارفاڻي، مبارڪ مارفاڻي، ممتاز، ديدار، اصغر، عبدالرزاق، غلام قادر مارفاڻي ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نوجوان الطاف ڪوريجي جي اغوا جو ڪيس جھان واھه ٿاڻي تي نواب ڪوريجو جي فرياد تي 11 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 6 معرفاڻي، 3 ڪوريجا ۽ 2 نامعلوم جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. جوابدارن ۾ عبدالرشيد، الله داد معرفاڻي، يوسف معرفاڻي، سچل معرفاڻي، مبارڪ عرف ٽمنٽي معرفاڻي، ڀٽو عرف پپو معرفاڻي، طلال ڪوريجو، عبدالقيوم ڪوريجو ۽ رياض ڪوريجو شامل آهن.