اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيندي ئي پي ٽي آءِ جو گوڙ، حڪومت خلاف احتجاج، نعرا، سينيٽ ۾ 11 بل پيش، 4 منظور، ۽ ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ جي حمايت ۾  قرارداد به منظور، سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ اپوزيشن ليڊر به مقرر ڪيا ويا. ڪالهه سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيندي ئي اپوزيشن ميمبرن  گوڙ شروع ڪري ڏنو، پي ٽي آءِ ميمبرن طرفان هٿن ۾ بئنرز ۽ پلي ڪارڊ کڻي امپورٽيڊ حڪومت نامنظور جا نعرا هنيا ويا، اپوزيشن جي گوڙ تي سينيٽ چيئرمين چيو ته هتي بدمعاشي نه هلندي، ايوان جي ڪارروائي ضابطن تحت هلڻ ڏيو، سينيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ۽ اتحادي ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا، نئين اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ناجائز حڪومت موجود آهي، سازش تحت غلام ذهنيت رکندڙ حڪومت عوام تي مڙهي وئي، عوام امپورٽيڊ حڪومت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، حڪومتي ميبمر  وسيم شهزاد کي مخاطب ٿيندي چوندا رهيا ته توهان پنهنجي ٽن  سالن جي ڪارڪردگي ڏيکاريو، نئين قائد ايوان اعظم نذير تارڙ چيو ته اپوزيشن تازا واقعا بيان ڪيا پر افسوس ان 44 مهينن جي پنهنجي ڪارڪردگي نه ٻڌائي، هن چيو ته جمهوريت ۾ اچڻ وڃڻ جاري رهندو آهي، ان طرح سان روئي هي پنهنجا گناهه نٿا لڪائي سگهن، 44 مهينن ۾ معيشت سان دهشتگردي ۽ کيڏ ڪيو، پيٽرول، بجلي ۽ گيس بلن جا بم ڪيرايا، هنن ماڻهن جا حق غصب ڪيا، انتقام جي باهه ۾ ڀينرن ۽ ڌيئرن کي به جيل ۾ بند ڪيو جيڪو ملڪي سياست جو رواج ناهي. سينيٽ ۾ سينيٽر دلاور خان جو گروپ موجود رهيو ، جڏهن ته نواز ليگ جي سينيٽر ۽ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ کي سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ پي ٽي آءِ جي شهزاد وسيم کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو، سينيٽ ۾ ڀارت ۾ قيد ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ جي حق ۾ قرارداد به منظور ڪئي وئي، قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ياسين ملڪ کي سمورا قانوني ۽ انساني حق فراهم ڪيا وڃن. ياسين ملڪ جي حق ۾ قرارداد پيش ڪرڻ دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ گوڙ ڪندا رهيا جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ايوان ۾ ڪشمير جي ڳالهه ٿي رهي آهي، اوهان پنهنجي سيٽن تي ويهي رهو، اوهان ڀارت کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيو. خاموش ٿي ويهو. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر عرفان صديقي جو ضابطه فوجداري ترميمي بل منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته اسلام آباد ۾ ضلعي انتظاميا جا عدالتي اختيار ختم ڪيا وڃن. خودڪشي ڪندڙ شخص کي سزا ۽ ڏنڊ جي خاتمي جو بل ڪرمنل لا ترميمي بل منظور ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ شخص جي سزا ۽ ڏنڊ کي ختم ڪيو وڃي.