اسلام آباد (م ڊ) عمران جو مطالبو رد، نه اسيمبلي ٽٽندي نه وقت کان چونڊون ٿينديون، اتحادي حڪومت مدو پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، آچر ڏينهن ٿيل اتحادين جي اجلاس جي اندروني  ڪهاڻي سامهون آئي آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ حڪومتي اتحاد ۾ شامل اڳواڻن فيصلو ڪيو آهي ته حڪومت نه رڳو پنهنجو مدو پورو ڪندي پر ڏکيا معاشي فيصلا به ڪندي، حڪومت تيل شيون مهانگائي اگهه تي وٺي سستي قيمت تي ڏئي رهيون، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون، ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ آصف زرداري اهم شخصيت سان ملاقات بعد شهبازشريف ۽ فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ مشاورت بعد حڪومت پنهنجي 13 کان 14 مهينن جو مدو پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو فيصلو به ڪيو ويو آهي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪرڻ لاءِ گورننس کي بهتر ڪرڻو پوندو، ذريعن موجب اتحادي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته وقت کان اڳ چونڊون نه ڪرايون وينديون. اجلاس ۾  حڪومت عمران خان جو لانگ نه روڪڻ ۽ مارچ کي سري نگر هاءِ وي تائين محدود رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اجلاس ۾ حڪومت ۽ اتحادين قانوني حدن ۾ رهندي عمران خان کي لانگ مارچ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، اتحادين طئي ڪيو ته عمران خان اسلام آباد ۾ جلسو ڪري هليو ويندو ته ان کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، باقي جيڪڏهن ڌرڻو هڻي حڪومت ۽ نظام کي مفلوج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته قانوني طريقي سان روڪيو ويندو. ذريعن موجب 2 ڏينهن اڳ تائين نواز ليگ وقت کان اڳ چونڊن لاءِ تيار هئي پر پيپلزپارٽي جو خيال آهي ته وقت کان اڳ چونڊون نه ٿيڻ گهرجي، ذريعن موجب نواز ليگ جو خيال هو ته جيڪڏهن ڏکيا فيصلا ڪيا ۽ اتحادي ڇڏي ويا ته چونڊن ۾ وڏو نقصان ٿيندو پر عمران خان جي لانگ مارچ اعلان بعد حڪومتي اتحاد مشاورت ڪئي ۽ فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن اهڙي ريت ماڻهو آڻي حڪومت ختم ڪئي وئي ته غلط مثال قائم ٿيندو، حڪومت ڏکيا فيصلا ڪندي، باقي عمران خان امن امان جو مسئلو پيدا ڪيو ته قانوني طريقي سان حل ڪيو وويندو.

لاهور: نواز ليگ جي قائد نوازشريف حڪومت فوري طور الڳ نه ٿيڻ واري پارٽي فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي، نواز ليگ گڏيل طور فيصلو ڪيو آهي ته حڪومت فوري طور نه ڇڏي ويندي، ذريعن موجب وزيراعظم شهبازشريف ۽ نواز ليگ جي قائد نوازشريف جي وچ ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن جي اندروني ڪهاڻي سامهون آئي آهي. لاهور ۾ وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جيڪو تقريبن اڍائي ڪلاڪ جاري رهيو، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز شريڪ ٿيو، اجلاس ماڊل ٽائون ۾ شهبازشريف جي گهر تي ٿيو، وزيراعليٰ پنجاب حمزه شهباز به موجود هو، اجلاس ۾ نواز ليگ قائد نوازشريف وڊيو لنڪ تي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، خرم دستگير ۽ سردار اويس لغاري به شريڪ ٿيا، ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي معاملي تي نوازشريف ۽ شهبازشريف ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي، نوازشريف لانگ مارچ تي حڪومتي پلان جوڙي اتحادي جماعتن سان شيئر ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ نواز ليگ فيصلو ڪيو ته عمران خان جي ڪنن به غيرآئيني فيصلي کي قبول نه ڪيو ويندو، حڪومت خلاف ڇڪتاڻ کي سختي سان منهن ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، اتحادي حڪومت قانون ٽوڙيندڙن کي گرفتار ڪندي، حڪومت ۽ اتحادين جي فيصلي سان اهم شخصيت کي آگاهه ڪيو ويو، اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين کي پنجاب جي جيلن کي صاف ڪرائڻ ۽ سياسي شخصيتن کي قيد ۾ الڳ رکڻ جي به هدايت ڪئي وئي، وزيراعظم شهبازشريف گهرو وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته راڻا ثناءُ صاحب توهان امن امان جي صورتحال ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تيار رهو، نوازشريف چيو ته قوم کي ڏڦيڙ پيدا ڪندڙن تي نٿو ڇڏي سگهجي، حڪومت هر صورت ۾ مدو پورو ڪندي. اجلاس ۾ سياسي، معاشي  ۽آئيني صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، نوازشريف بجيٽ جي ڀرپور ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. نواز ليگ پنهنجي تيار ڪيل ايجندا اتحادي جماعتن جي وڊيو لنڪ اجلاس ۾ پيش ڪندي. ان سلسلي ۾ دفاع واري وزير خواجا آصف حڪومت پاران مدو پورو ڪرڻ واري فيصلي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته فيصلو ڪيو آهي ته رياست بليڪ ميل نه ٿيندي، اسان سوچيو هو ته اسيمبليون ٽوڙينداسين، جيڪڏهن اسان هليا وڃون ها ته عمران خان جي ڌرڻي تحت وڃڻ جو تاثر ملي ها ۽ اهو سياسي لحاظ کان بلڪل فائديمند نه هجي ها، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسان اهو به فيصلو ڪيو هو ته مشڪل فيصلن ۽ سياسي نقصان کان بچنداسين پر رياست جو مفاد اسانجي سياسي مفاد کان وڌيڪ اهم آهي، هن چيو ته معاشي فيصلن ۾ دفاعي ادارا به شامل هوندا آهن. ليگي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته حڪومت مدو پوري ڪندي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو ته عمران خان جي لانگ مارچ کي اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ ڪنهن به صورت اچڻ نه ڏنو ويندو.