ڪراچي (م ڊ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل معيشت جي بربادي جو ذميوار عمران حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو، وياج شرح ۾ واڌ جو به اشارو ڏنو، ناڻي وزير مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ دوحا روانو ٿي ويو. آءِ ايم ايف ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ دوحا روانگي کان اڳ ڳالهه ٻولهه ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بنا واپس نه ايندس، آءِ ايم ايف کي قائل ڪندس ته موجوده حالتن ۾ تيل اگهه نٿا وڌائي سگهون. شوڪت ترين ٻڌائي ته سبسڊي لاءِ ڪٿي پيسا ڇڏيو ويو؟ آءِ ايم ايف سان معاهدو شوڪت ترين ۽ عمران خان ڪيو، معاهدي مطابق ڊيزل جي قيمت 150، پيٽرول جي 100 رپيا ليٽر وڌڻ گهرجي، عمران خان تي تنقيد ڪندي هن چيو ته عمران خان ڌرڻي جي سياست ڪري رهيو آهي، جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿيندو، عمران خان جي ڌرڻي سبب آءِ ايم ايف اختيارين ڳالهين لاءِ اسلام آباد اچڻ کان انڪار ڪيو، هاڻ دوحا ۾ ڳالهين لاءِ وڃي رهيا آهيون.