اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي کان پوءِ ناڻي وزير اسحاق ڊار سينيٽ ۾ به بجيٽ دستاويز پيش ڪري ڇڏيا، ناڻي وزير پاران سينيٽ ۾ بجيٽ دستاويز پيش ڪرڻ وقت پي ٽي آءِ سوڌو سينيٽ ۾ اپوزيشن جي ميمبرن شديد احتجاج سان گڏ نعريبازي ڪئي، جنهن کان پوءِ هو واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، ناڻي وزير جيئن بجيٽ دستاويز پيش ڪرڻ شروع ڪيا ته پي ٽي آءِ ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي شديد احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو، ان احتجاج ۾ بلوچستان عوامي پارٽي ۽ فاٽا جا ميمبر به شامل هئا، جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ ميمبر واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم ڪئي،  جنهن ۾ 9 مئي جي واقعن خلاف متفقه طور تي مذمتي قرارداد منظور ڪئي وئي.