ڪراچي (م ڊ) واپارين ۽ ڪاروباري شخصيتن بجيٽ کي بهتر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ڪاروباري شخصيت زبير موتي والا چيو آهي ته جيڪا سختي سمجھي رهيا هئاسين ان جي ڀيٽ ۾ آسان بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي. ترقياتي بجيٽ تي ڌيان ڏيڻ سٺي ڳالهه آهي. پنهنجي بيان ۾ زبير موتي والا چيو ته ڪچي مال تي ڊيوٽي گھٽ ڪئي وئي آهي، صنعت لاءِ اهو بهتر قدم آهي. سولر مراعتن وارو قدم صحيح رخ ۾ آهي. ايڪسپورٽ جي بجيٽ ناهي، لاڳت گھٽ ڪرڻ کان سواءِ ايڪسپورٽ نٿا وڌائي سگھون. هن چيو ته زراعت تي ڌيان ڏيڻ تمام ضروري آهي. ڀارت مان ڪاٽن جي درآمد کولي ڇڏين ها ته بهتر هو. ايڪسپورٽ کي ڪچي مال جي قيمت ۾ گھٽتائي سان فائدو ٿيندو. وزيراعظم کي سٺي بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته مالي مسئلن ۽ معاشي زبون حالي ۾ سٺي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي. هوڏانهن حيدرآباد جي واپارين به بجيٽ جي آجيان ڪئي آهي. ٻئي پاسي ايف بي سي سي آءِ پاران بجيٽ تي سخت سوال اٿاريا ويا آهن.  پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته گھٽ معاشي ترقي دوران وڌيڪ ٽيڪس ڪيئن ٿا لڳائي سگھجن؟ سروس سيڪٽر ۾ برآمدات کي زرو ريٽڊ ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. اسلام آباد چيمبر چيوآهي ته واپاري خسارو گھٽ ٿيو، جيڪا هن حڪومت جي ڪاميابي آهي. حسن ظفر بختاروي موجب آءِ ٽي ۽ عورتن جي ترقي وارا منصوبا ساراهه جوڳا آهن. سولر اوزارن تي ڊيوٽي ختم ڪرڻ به سٺي ڳالهه آهي. ٽيڪس فري بجيٽ آهي، وارپاري برادري ان مان خوش آهي.