اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي جي مملڪتي وزير عائيشه غوث پاشا پاران سينيٽ ۾  بجيٽ بحث سهيڙڻ دوران اپوزيشن جو واڪ آئوٽ, پي ٽي آءِ پاران بار بار ڪورم جي نشاندهي کي سينيٽ چيئرمين نظرانداز ڪري ڇڏيو ڪالھه سينيٽ اجلاس ۾ بجيٽ بحث کي سهيڙڻ لاءِ جيئن ناڻي جي مملڪتي وزير عائيشه غوث پاشا تقرير شروع ڪئي ته پي ٽي آءِ ميمبرن ايوان ۾ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا،  پي ٽي آءِ جي فدا محمد خان بار بار ڪورم جي نشاندهي ڪئي پر سينيٽ چيئرمين ان کي نظر انداز ڪيو، جنهن بعد ايوان ۾ فيصل جاويد اچي ڪورم جي نشاندهي ڪئي ۽ ائين اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم به ايوان ۾ اچي ڪورم جي نشاندهي ڪئي، جنهن بعد پي ٽي آءِ سينيٽرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس سامهون گڏ ٿي احتجاج ڪيو، جنهن بعد ڪورم جي ڳڻپ ٿي ته ڪورم پورو هيو. عائشه غوث پاشا جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت معاهدو ڪري ڦري وئي، هي ڪا ٻارن جي راند ته ناهي، هي سياست نه ڪن تجويزن کي ٻڌڻ لاءِ تيار آھيون، اسان 80 سيڪڙو سڌي ريت ٽيڪسز لڳايون آھن، اڳوڻي ناڻي وزير شوڪت ترين چيو ته هڪ ٻئي بجيٽ اچي رهي آھي، آءِ ايم ايف هنن کي چيو آھي ته 440 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳايا وڃن، اها اصل بجيٽ هوندي، سينٽ خانه پوري واري بجيٽ تي بحث ڪيو، اسان جي وقت ۾ ته لوڊشيڊنگ نه هئي.