اسلام آباد  (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جي ڊي اي جي ڊاڪٽر فهميدا مرزا صوبائي اين ايف سي ايوارڊ کانسواءِ وفاقي اين ايف سي ايوارڊ کي بي فائده قرار ڏيندي ملڪ اندر اڍائي لک افغاني مهاجر پهچڻ ۽ ان جي رجسٽريشن نه ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي آغا رفيع الله چيو ته تاثر ڏنو پيو وڃي ته بجيٽ جي منظوري بعد حڪومت ختم ٿي ويندي، ڪنهن جي پيءُ جو راڄ نه آھي، ايترا ڪمزور نه آهيون ، سنڌ سان تعلق رکندڙ نواز ليگ جي ميمبر ڊاڪٽر درشن لعل چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي، فصل متاثر ٿي رهيا آھن، وفاق پنهنجي خرچن سان سنڌ ۾ واهه  پڪا ڪرائي، هن چيو ته سنڌ ۾ 15 ورهين جي هندو نياڻين سان شاديون ڪيون پيون وڃن، انهن جي والدين سان به ملاقات به نٿي ڪرائي وڃي، اهو ڪٿان جو انصاف آھي؟ ان ناانصافي جي خاتمي لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي. گهوٽڪي گيس پيداوار ڪري ٿو پر جيڪي گيس فيلڊن جي ڀرسان ڳوٺ آھن، انهن کي به گيس فراهم نٿي ٿي، گيس فيلڊن جي پنج ڪلو ميٽرن جي دائري ۾ ايندڙ ڳوٺن کي گيس ڏني وڃي، گهوٽڪي انٽر چينج لاءِ رقم 20 ڪروڙن کان وڌائي 50 ڪروڙ ڪئي وڃي، ڊاڪٽرن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 2 لک ڪئي وڃي. ان موقعي تي جي ڊي اي جي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته قومي سلامتي جو اجلاس گهرائي طالبان سان ڳالهين بابت بريفنگ ڏني وئي، ان حوالي سان ان ڪيمرا اجلاس طلب ڪري بريفنگ ڏني وڃي، سليڪٽو ماڻهن کي بريفنگ ڏيڻ جو طريقو درست نه آھي، هن چيو ته هن وقت تائين اڍائي لک افغان مهاجر پاڪستان اچي چڪا آھن انهن جي رجسٽريشن به نه ٿي رهي آھي، اهي هڪ ڏينهن اڳ ريڊ زون ۾ اچي ويا هئا، ڊاڪٽر فهميده مرزا الزام هڻندي چيو ته سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن سان مذاق ٿي رهيو آھي، ماڻهن کي ڊيڄاري اميدوارن کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرايو پيو وڃي، 18 آئيني ترميم جو روح ماريو ويو آھي، صوبن کي صوبن سامهون ۽ صوبن کي وفاق سامهون آڻي بيهاريو ويو آھي، سمورو بار وفاق تي اچي رهيو آھي ۽ صوبا سرپلس ۾ آھن، صوبائي اين ايف سي ايوارڊ ٿيڻ تائين پيسا حڪمرانن جي کيسن ۾ ويندا، صوبائي اين ايف سي کانسواءِ اين ايف سي ايوارڊ جو ڪو فائدو ناهي، نئين سماجي معاهدي جي ضرورت آھي. فهيده مرزا چيو ته پرائمري کان اعلي تعليم تائين تعليم جو نظام تباهه آھي، تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي، پاڻي جي فراهمي وڏو مسئلو آھي، سنڌ ۾ خاص طور تي انصاف تي ٻڌل پاڻي ورڇ ڪئي وڃي، بدين پڇڙي ۾ آھي اسان کي يا اڃو ماريو وڃي ٿو يا ٻوڙيو وڃي ٿو، آر بي او ڊي کي بهتر ڪيو وڃي. وفاقي وزير اسرار ترين چيو ته يقين ڏياريون ٿا ته طالبان سان ڳالهيون آئيني دائري ۾ ٿينديون، ڳالهين جا سمورا تفصيل پارليامينٽ ۾ آندا ويندا. پيپلزپارٽي جي مهر ارشاد چيو ته سرائڪي صوبو نه ٺاهڻ جو هن حڪومت وٽ ڪو بهانو نه آھي، نيب ۽ چونڊ ترميمي بل وانگر سرائڪي صوبي ٺاهڻ لاءِ به قانوسازي تي اتفاق ڪيو وڃي.