اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان تي حملي جو ڪو اطلاع ناهي، وڏن ليڊرن سان حادثو ٿئي ته سڄي ملڪ جو نقصان ٿيندو آهي، عمران خان کي اها ئي سيڪيورٽي حاصل آهي، جيڪا وزيراعظم طور کيس مليل هئي. هڪ انٽرويو ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان سياستدان ناهي، هو قوم کي ورهائڻ چاهي  ٿو، عمران خان جو 25 مئي جو پروگرام ڪامياب ٿئي ها ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿي وڃي ها، عمران خان خلاف ڪيس به هلڻ گهرجي ۽ کيس گرفتار به ڪرڻ گهرجي، عمران خان خلاف بغاوت جو ڪيس ڪابينا جي اجازت بنا داخل نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته سڀني اتحادي جماعتن جو موقف هو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي پر آئين کان مٿانهن مطالبن تي ڳالهه نه ٿيڻ گهرجي، فاٽا کي ٻيهر الڳ ڪرڻ ۽ فوج گهرائڻ جي ڳالهه نه ٿيندي. سندس چوڻ هو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ ملوث ماڻهن جي معافي تي غور ڪرڻ معاشري ۽ قوم کي ڊسٽرب ڪندو، جنگبندي ان وقت اثرائتي آهي، جيستائين معاملا طئي هجن، طالبان سان ڳالهه ٻولهه جو معاملو هڪ مهيني ۾ ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي پهچي ويندو. وفاقي گهرو وزير چيو ته عسڪري ۽ سياسي قيادت متفق آهي ته طالبان کي هٿيار آڻڻ جي اجازت نه هوندي، عسڪري قيادت خاطري ڪرائي آهي ته اسان ايتري طاقت ۾ آهيون جو کين ساٽ آئوٽ ڪري (ڳولهي) سگهون ٿا. راڻا ثناءُ الله چيو ته طالبان سان ڳالهين جو نتيجو نڪرڻ وارو هجي ته پارليامينٽ ۾ به ان تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، طالبان جي گرفتار ماڻهن تي ڪيسن جي نوعيت جي حساب سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، دهشتگردي جي واقعن ۾ عالمي هٿ ملوث هوندا آهن، ڪالعدم ٽي ٽي پي پويان اهڙيون ڪيتريون ئي قوتون آهن، جيڪي پاڪستان ۾ امن ڏسڻ نه ٿيون چاهين.