سيراڻي (ن پ ا) سيراڻي ۽ ڀرپاسي مهيني کان تيز طوفاني برساتن تباھي مچائي ڇڏي آهي. ڪيترائي ڪکاوان گھر پٽ پئجي ويا آهن، برساتن ۽ سم نالن کي گهارا پوڻ ڪري ھزارين ايڪڙ فصل تباھ ٿي ويا آهن، روڊ رستا پلون موريون ٽٽي ويا آهن. ان ڏس ۾  سيراڻي، گڙهو، پير فتح شاهه، چڪ نمبر 4 صالح محمد ورڙ ڪريم ڏنو جوڻيجو راڄو چانگ، الهڏنو خاصخيلي، مٺو خاصخيلي، ڳوٺ جان محمد ورڙ ڳوٺ حاجي درياخان ورڙ ڳوٺ محمد يوسف ورڙ ڳوٺ شريف نونڌو ڳوٺن ۾  سيراڻي ڊرين مير ويسٽر ڊرين کي گهارا پيا، تيز برسات سبب بجلي جا پول ڪري پيا موبائيل نيٽ ورڪ غير فعال جنهن سبب علائقي واسين مواصلاتي سسٽم کان وانجهيل آهن. ٻهراڙي جي ڳوٺن جا رستا پاڻي هيٺ هئڻ ڪري شهرن سان رابطو ڪٽيل آهي. ٻئي طرف سمنڊ ويجهو ڳوٺن يونين ڪائونسل ڀڳڙاميمڻ يونين  ڪائونسل شھيد دودو سومرو ٻھڊمي احمد راڄو  جي مختلف ڳوٺن ڪنڊڙي، ڳوٺ قاسم مھراڻ پوٽو، ميھار ڌانڌل، مومن ملاح، بھادر لنڊ، يوسف منڌرو ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سامونڊي ويرون چڙھڻ سب پاڻي داخل ٿئي چڪو آھي.  عائقي ۾ خوف ڇانيل آھي ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن ڪابه پوئيواري نه ڪئي هتان جي رهواسين فداحسين ورڙ، مجيد جوڻيجو اصغر خاصخيلي،ابوطالب، بچل رند، شبيراحمد خاصخيلي ٻين ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته برسات وڏي تباهي مچائي ڇڏي آھي چونڊيل نمائندا غائب آھن سم ناليون علائقا ٻوڙي رهيون آھن هنن وزير عالي سنڌ سميت اختيارين کان گهر ڪئي ته بدين تباه ٿي ويو آھي جنهن کي آفت سٽيل قرار ڏئي هنگامي بنيادين تي واهر ڪئي وڃي