جاتي (ن پ ا) جاتي ۽ ڀرپاسي برسات دوران نانگڻ ڍورو سم نالي، ننڍي سم نالي گڏاپ سم نالي کي گهارا پيا، جنهن سبب ساحلي جي ڳوٺن احمد ٿهيمور، بچل ڌانڌل، محمد ڌاندل، اسحاق ٿهيمور، سڪندر ڌاندل، حاجي ڌاندل سميت ڪيترن ئي ڳوٺن سم نالن جو پاڻي ڪاهي پيو جنهن ڪري ڳوٺاڻا سم نالن جي بندر تي بي يارو مددگار ويٺل آهن، متاثر ڳوٺاڻن محمد ڌانڌل،سڪندر ڌاندل ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ سم نالن مان گهارا لڳڻ سبب ٻڏي ويا آهن مسلسل برساتن سبب شهر سان زميني رابطو به ڪٽجي ويو جنهن ڪري پنهنجا ٻچا وٺي سم نالن جي بندن تي ويٺا آهيون ۽ اسان جي انتظاميان ڪا به واهر نه ڪئي آهي،هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي اسان جي واهر ڪئي وڃي.