دوداپور (ن پ ا) دوداپور ۾ چوٿين ڏينهن به ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، گهٽين ۽ ڳوٺن ۾ بيٺل پاڻي تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳو  آهي،  ٻئي طرف يونين ڪائونسل علڻپور، يونين ڪائونسل دوداپور، يونين ڪائونسل دائوجهانپور، ۽ يونين ڪائونسل ميرانپور، جا ڪيترائي ڳوٺ پنهون ڀٽي، سهڻون لهر، ٻيلو وانڍ، ڳوٺ خير محمد وانڍ، عبدالحميد کوسو ۾ به برسات سبب ڪيترائي گهر ڪري پٽ ٿي ويا آهن،  روڊ رستن ۾ پاڻي هجڻ سبب شھرن کان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، ان حوالي سان ڳوٺاڻن عاشق کوسو، رياض لاشاري، گلشير کوسو، غلام رسول ڪٽوهر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار آهي، مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهيون، رستا بند آهن، ڪير مدد ڪرڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.