سيراڻي (ن پ ا) سيراڻي شهر ۾ غيرقانوني طور اسپتالون هلائيندڙ عطائي ڊاڪٽرن خلاف سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم ڇاپو هڻي8 اسپتالون سيل ڪري ڇڏيون. عطائي ڊاڪٽر اسپتالون ڇڏي فرار ٿي ويا. تفصيل موجب بدين ضلعي جي ساحلي پٽي واري شهر سيراڻيءَ ۾ غيرقانوني طور اسپتالون هلائيندڙ عطائي ڊاڪٽر خلاف گذريل ڏينهن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالرزاق شيخ، ڊاڪٽر عمر ڪاڪا ۽ خادم ٽالپر تي مشتمل سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي هڪ ٽيم ڇاپا هڻي 8 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون. ڪارروائي دوران ڊاڪٽرن ۾ ٿرٿلو مچي وئي. عطائي ڊاڪٽر ڪارروائيءَ کان بچڻ لاءِ اسپتالون ڇڏي فرار ٿي ويا. هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم اسپتالون سيل ڪرڻ کان وڌيڪ ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. ٽيم واپس وڃڻ کان بعد عطائي ڊاڪٽرن اسپتالون کولي ڇڏيون.