ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ بلڙي شاھ ڪريم جي قبول پور جي رهواسي ڳوٺاڻن ڳوٺاڻن زرعي زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد عمر ، الهڏنو ، صابو ، محمد عرس ، مسمات نورجهان ، مسمات حليمان چيو ته سروي نمبر 115 ، 3 ايڪڙ زرعي زمين تي غيرقانوني قبضو ڪري بااثر بي دخل ڪرڻ لاءِ قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري قبضو ختم ڪرايو وڃي.