پيرولاشاري (ن پ ا ) پيرولاشاريءَ ويجهو ڳوٺ عمر چانڊيو جي رھواسي ۽ قومي تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن لال چانڊيو جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان تعزيت لاءِ پ پ اڳواڻ گل محمد جکراڻي ۽ ڊاڪٽرعزيز ميمڻ تڏي تي پهتا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ گل محمد جکراڻيءَ چيو ته لال چانڊيو ڪميٽڊ سياسي ڪارڪن هو.