ڪراچي: ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ ڪالهه هتي سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل پاران ڏنل افطار پارٽي ۽ ڊنر دوران تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاھ محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران  سنڌ  ۽ ملڪي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، افطار پارٽي ۾  سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ،  جي ڊي اي اڳواڻن، پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان آئين جي بالادستي لاءِ پارٽي اڳواڻن ۽ سمورين سياسي پارٽين سان رابطن جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان عمران خان چيو آهي ته عدليه تي حملا روڪڻ لاءِ سموري قوم کي گڏ ٿيڻو پوندو.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان زمان پارڪ لاهور ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال، چونڊن جي معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳواڻن کي رول آف لا ۽ آئين جي بالادستي لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي سان رابطن جو ٽاسڪ ڏنو ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته موجوده صورتحال ۾ عدليه تي حملا ڪيا پيا وڃن، حملن کي روڪڻ لاءِ سموري قوم کي گڏ ڪرڻو آهي. هن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته جيڪي سياسي پارٽيون آئين جي بالادستي لاءِ بيهڻ چاهين ٿيون انهن سڀني سان رابطو ڪيو وڃي. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته اسان کي ذميواري ملي آهي، انشاءَالله سياسي پارٽين سان رابطو ڪيو ويندو. سنڌ جي سياسي، مذهبي ۽ قومپرست پارٽين ۽ سول سوسائٽي سان به رابطو ڪيو ويندو، آئين جي بالادستي ۽ رول آف لا لاءِ قوم کي گڏ ٿيڻو پوندو.