گهوٽڪي: گهوٽڪي پوليس مقابلو ڄاڻائي ماريل ياسر عرف صدام جاگيراڻيءَ جو ڪوبه ڏوهي رڪارڊ سامهون نه آڻي سگهي، جڏهن ته علي حسن جاگيراڻي مٿان ڪنڌڪوٽ سکر ۽ گهوٽڪي ضلعي ۾ 9 ڪيس ظاهر ڪيا آهن. ذريعن موجب جن ڪيسن جو پوليس رڪارڊ ظاهر ڪيو آهي، عدالت علي حسن جاگيراڻي کي ڪجهه ڪيسن مان بري ڪيو هو،  ڪجهه ڪيسن ۾ ضمانت ٿي آزاد ٿيل هو.