تهران(م ڊ) ايران ۾ هڪ همراهه بنا حجاب جي دڪان ۾ آيل ٻن عورتن تي ڌئونرو هاري ڇڏيو، پوليس همراهه سان گڏ ٻنهي عورتن کي به گرفتار ڪري ورتو. ايران جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ ڪراڙي عورت ۽ هڪ ڇوڪري دڪان ۾ داخل ٿيون ڪراڙي عورت کي مٿي تي اسڪارف هو پر ڇوڪري جا وار کليل هئا. هڪ همراهه دڪان ۾ داخل ٿيو ۽ ڇوڪري سان ڳالهائڻ بعد ڌئونرو ٻنهي جي مٿي تي هاري ڇڏيو. دڪاندار همراهه کي مارڻ لاءِ ڊوڙيو. حملو ڪندڙ جوابدار ۽ عورتن کي حجاب قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو ته ڪجهه ماڻهو حجاب کي نه ٿا مڃن ته انهن کي قائل ڪيو وڃي حجاب قانوني ضرورت ۽ قانوني معاملو آهي.