سيتاروڊ/ ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) سيتا ۽ ڦلجي ۾ 18 هزار ٻوريون ڪڻڪ گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، شڪايتن تي اينٽي ڪرپشن پوليس جي ٽيم جج سان گڏ سيتاروڊ فوڊ سينٽر ، فلورملز ۽ ڪارخانن تي ڇاپا ھنيا ته عملي ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. ان موقعي تي عملو ليبر سميت کسڪي ويو، ٻوريون ھٿ اچي نه سگھيون اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سرڪل دادو جي سرڪل آفيسر فياض علي ڀرٽ ٽيم ۽ جج سان گڏ سيتاروڊ جي فوڊ سينٽر ، سيٺ عبدالله لاکير جي ڪارخاني ۽ فلورملز تي ڇاپا ھنيا پر ڪڻڪ جون ٻوريون ھٿ اچي نه سگھيون. موجود ڪجھه ملازمن کان لکت ۾ بيان وٺڻ بعد لاکير فلور مل تان گذريل سال جا ڪجھه سرڪاري پاچڪا ھٿ ڪري ٽيم واپس رواني ٿي وئي رابطو ڪرڻ تي اينٽي ڪرپشن جي ھڪ عملدار ٻڌايو ته گذريل سال جون ساڍا ٻارھن ھزار ڪڻڪ جون ٻوريون گم ٿيڻ جي شڪايتن تي ڇاپو ھنيو پر ذميوار ماڻھو کسڪي ويا ٻوريون ھٿ نه اچي سگھيون پر گذريل سال جا ڪجھ سرڪاري پاچڪا ھٿ آيا آھن. ٻئي پاسي ڦلجي اسٽيشن ۾ ڪڻڪ جي سرڪاري گدام تي سول جج دادو سيد امتياز علي شاهه ۽ اينٽي ڪرپشن دادو جي سرڪل آفيسر فياض علي ڀرٽ ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران آفيسر ۽ عملو غائب هو جڏهن ته سول جج ۽ سرڪل آفيسر رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، سرڪاري گدام تي ڇاپي دوران ٻورين مان خراب ڪڻڪ، ڪجهه ٻورين ۾ ڪڻڪ جي بدران مٽي ۽ سروٽا ڀريل هئا، اينٽي ڪرپش جي سرڪل آفيسر فياض ڀرٽ ٻڌايو ته هتي قائم ڪيل ھاشم کيڙا گدام تي ڇاپو هنيو آهي، اسان سينٽر مان 6216 ٻوريون غائب ٿيڻ جي رپورٽ اچڻ بعد ڇاپو هنيو آهي، هن چيو ته سينٽر تي پيل سرڪاري پاچڪن ۾ ڪڻڪ بدران مٽي ۽ سروٽا ڀريل هئا، شمشاد رائيس مل ۾ قائم ھاشم کيڙا ڪڻڪ جي سينٽر تان ڪڻڪ جون ٻوريون غائب هجڻ جي رپورٽ تي مئجسٽريٽ سان گڏجي ڪارروائي ڪئي آهي، هتي ڪجهه ٻورين ۾ پيل ڪڻڪ خراب ٿي وئي آهي ۽ ڪجهه ٻورين ۾ مٽي ۽ سروٽا پيل آهن، اسان جيئن پهتاسين ته عملو به نظر نه آيو، ڇاپي کان اڳ فوڊ انچارج ڀڄي ويو، اسان رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.