ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ ماڻڪ اڄڻ واسي نوجوان پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشان، اغوا جو شڪ ظاهر ، ٿاڻي تي اين سي داخل. ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ ماڻڪ اڄڻ واسي 32 سالن جي نوجوان محمد رمضان اڄڻ ڳوٺ کان شھر ويندي گم ٿي ويو، گم ٿيل نوجوان جي ڀاءُ محمد اعظم اڄڻ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته ڀاءُ ڳوٺ کان ڪڻڪ کڻائي شھر کپائڻ ويو جنهن کي ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود هن مهل تائين واپس نه موٽيو آھي. هن چيو ته ٺاروشاهه ٿاڻي تي گمشدگي جي اين سي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، اسان کي شڪ آھي ته اسان جي ڀاءُ کي ڪنھن اغوا ڪيو آھي. ھنن ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان مدد جي اپيل ڪئي. جڏھن ته رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ٺاروشاهه ٻڌايو ته گم ٿيل نوجوان جي ڀاءُ اين سي داخل ڪرائي آھي نوجوان جي ڳولا ڪري رهيا آھيون.