ملتان (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيڪڏهن جهانگير ترين کي ڪا ڳڻتي آهي ته هو وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبرز عمران خان جي فيصلي جا پابند آهن، آزاد ميمبرز به حلفي بيان جمع ڪرايو ۽ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي بينچز تي ويهڻ شروع ڪيو، پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته 17 شوگر ملز کي نوٽيس مليو، ان مان صرف هڪ مل جهانگير ترين جي آهي، جيڪڏهن جهانگير ترين کي ڪا ڳڻتي آهي ته هو وزيراعظم سان ملاقات ڪري، وزيراعظم جهانگير ترين جي هر ڳالهه ٻڌندو، هن چيو آهي ته اسان جو ڪو به ميمبر ڪنهن ٻي پارٽي ۾ نه وڃي رهيو آهي، پيپلزپارٽي سان اختلاف ٿيو ته مان پنهنجي سيٽ ڇڏي ۽ استعفيٰ ڏني.