سيتاروڊ ( ن پ ا ) سيتا روڊ ۾ سيتاسرجڻهارفورم پاران لائبريري جي حاصلات لا 11 مهينن کان هلندڙ جدوجهد جي سلسلي ۾ ڪالھه به شھر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. فورم جي باني مشهورميمڻ جي اڳواڻي ۾ نيشنل بئنڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي مختلف رستا اختيار ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهچي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي مشهورميمڻ، تنوير پاٽائي، محمد موسي چانڊيو، امان الله ميمڻ، راشد انقلابي، اسد ميمڻ، رياض بڪيرو، واصل چانڊيو، فراز ميمڻ، مجيب الله ميمڻ، اويس ميمڻ، شهزاد ميمڻ، سميت ٻين چيو ته هڪ لک آبادي واري شھر سيتاروڊ ۾ لائيبرييري جو نه هجڻ هتان جي نوجوانن سان ظلم آھي، پڙهيل لکيل معاشري ۾ نوجوانن لاءِ لائبريري هجڻ ضروري. هنن چيو ته لائبريري نوجوانن لاء ضروري آھي جيڪا قائم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.