نواب ولي محمد (ن پ ا) نواب ولي محمد شهر ۾ 390 رپيا في ڪلو مرغي وڪرو ڪندڙ دڪاندار محمد رفيق شاھ مٿان شهر ۾ 450 رپين ۾ في ڪلو مرغي وڪرو ڪندڙ دڪاندار مڇرجي پيا، کيس دڪان تي پهچي مبينا ڌمڪيون ڏيڻ لڳا، محمد رفيق شاھ پاران نواب ولي محمد ٿاڻي تي مرغي فروشن مولوي منير احمد سومرو، مولا بخش لاکو ۽ قادر بخش رند خلاف ڌمڪين جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل دڪاندارن مولوي منير سومرو ۽ ٻين چيو ته سرڪاري اگهه 430 رپيا آهي اسان جي خريداري 411 رپيا آهي، محمد رفيق شاھ نئون دڪاندار آهي، ريٽ گهٽ هلائي ذاتي نقصان ڪري. اسان جي گيراڪي خراب ڪري رهيو آهي، اسان گڏجي هڪ اگهه ۾ مرغي وڪرو ڪرڻ لاءِ چيو آهي، ڌمڪيون ناهن ڏنيون.