شيخ ڀرڪيو(ن پ ا) شيخ ڀرڪيو جي ڳوٺ شاهنواز شاھ جي رهواسين ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ شاهنواز شاھ جي ڳوٺاڻن نثار بهليم، محمد بخش بهليم، محمد موسي بهليم ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هن جديد دور ۾ به پٿر واري دور جي زندگي گذاري رهيا آهيون ڳوٺ ۾ پئيڻ جي صاف پاڻي، اسڪول، روڊ، گئس، اسپتال سميت ڪابه بنيادي سهولت موجود ناهي. هنن چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ 200 کان مٿي گهرآهن، ڳوٺ شهر کان اڌ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي تنهن هوندي به اسان کي بنيادي سهولتن ۾ نظرانداز ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته اسڪول نه هئڻ ڪري ڳوٺ جا ٻه سو کان مٿي ٻارڙا پڙهن بدران مال چارڻ ۽ راند روند ۾ مصروف آهن جنهن ڪري ٻارڙن جو مستقبل اونڌاهو نظر اچي رهيو آهي هنن چيو ته اسان سدائين پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏنا آهن ووٽ وٺڻ لاء ايندڙ ايم پي اي ۽ ايم اين اي واعدا ته ڪن ٿا پر اهي واعدا پورا نٿا ڪن. مظاهرين وڌيڪ چيو ته اسان ڪافي دفعا چونڊيل نمائندن سان ملڻ ويا آهيون پر اهي ملڻ تيار ناهن، هنن پيپلزپارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاه کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ کي روڊ اسڪول گئس سميت بنيادي سهولتون ڏئي ڳوٺاڻن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.