مقصودورند (ن پ ا) مقصودورند ۽ ڀرپاسي جي علائقن لنڊو شريف، چودڳي، ٻرهوڻ، معروف ڏاهري سميت مختلف هنڌن ڪڻڪ جو تازو فصل لھڻ باوجود اٽي جي اگهه ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي. اٽو 60 کان 65 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهيو آهي. روزانو جي بنياد تي مزدوري ڪري ڪمائي پنهنجو گهر هلائيندڙ پورهيت طبقو سخت پريشان آهي. جڏھن ته سنڌ سرڪار طرفان اعلانيل اٽو 42 رپيا في ڪلو واري اعلان تي حد جي انتظاميه توڙي وس وارن ڪوبه عمل ناهن ڪرائي سگهيا، جنهن ڪري رمضان جي ڀلاري بابرڪت مهيني ۾ پورهيت ۽ مزدور طبقي ۾ سخت پريشاني ۽ بي چيني پکڙيل آهي.