ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد شهر ۾ هٿرادومهانگائي مزدور ۽ غريب طبقي کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، روز مره جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ شين جا اگهه وڌڻ سبب غريبن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، ضلعي انتظاميه پاران جوڙيل ريليف ڪاميٽيون به واپارين ۽ منافعي خورن سان ٻٽ بڻيل هجڻ سبب مارڪيٽن جا دورا ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهن جنهن جي ڪري مزدور طبقو سخت پريشان ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ هٿ ڪيل ڄاڻ موجب ڀان سيدآباد جي مارڪيٽ ۾ مرغي جو گوشت 450 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ٽماٽا 20 رپين مان وڌي 35 کان 40 رپيا في ڪلو، پٽاٽا 30 مان وڌي 40 رپيا في ڪلو، بصر جي ريٽ ۾ به 10 رپيا اضافو ٿيڻ بعد بصر 40 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن، ڀينڊي 100 رپيا في ڪلو، ساوا مرچ 100 رپيا في ڪلو، ميها 80 رپيا ڪلو، ادرڪ 350 رپيا في ڪلو، مڇي 500 رپيا في ڪلو، صوف 200 رپيا في ڪلو، ڪيلا في ڊزن 100 رپيا، نارنگي 140 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ مزدورن شهزاد جمالي، دلدار جلباڻي، ڪمانڊو محمد خان ۽ ٻين ٻڌايو ته ڀلاري مهيني رمضان دوران کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان تائين پهتل آهن، پر افسوس جو ضلعي انتظاميا منافعي خورن خلاف ڪوبه قدم ناهي کنيو، هنن چيو ته ڊي سي ڄامشورو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ بازارن جا دوران ڪرڻ بجاء گهرن ۽ آفيسن تائين محدود آهن، عوام مهانگائي سبب پريشان آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه ۽ ڪمشنر حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته ڀان سيدآباد ۾ مهانگائي جو نوٽيس وٺي منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري عوام کي ريليف فراهم ڪيو وڃي.