حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري وڌيڪ اگهه تي شيون وڪرو ڪندڙ دڪاندارن کان مجموعي طور 2 لک 16 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو آهي. شهري تعلقي ۾ 20 دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪري 42 هزار، لطيف آباد 22 دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪري ڏيڍ لک رپيا، قاسم آباد ۾ 21 دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪري 22 هزار ۽ تعلقي ٻهراڙي ۾ 19 دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪري 20 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. 14 دڪاندارن کي وارننگ جاري ڪندي کين هدايت ڪئي وئي ته هو مقرر ڪيل اگهن تي شيون وڪرو ڪن. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو جي هدايتن تي سٽي مختيارڪار ابوبڪر سڌايو اٽي جي مختلف چڪين جو دورو ڪري کين ضلعي انتظاميا جي مقرر ڪيل اگهن تي اٽو وڪرو ڪرڻ جون هدايتون ڪيون. هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ غريب عورتن ۾ مفت ڪپڙا ۽ سلائي جي رقم به تقسيم ڪئي. انتظاميا جي ڇاپن جي ڪري دڪاندارن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. ضلعي انتظاميا چتاءُ ڏنو آهي ته وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري رهندو.