سيتاروڊ (ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ پاران سنڌي ادبي سنگت ضلعو دادو ۽ انڊس رورل ڊولپمنٽ IRDS جي سھڪار سان سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ شاعرن ۽ سيتاروڊ جي وڇڙي ويل قلمڪارن ساٿين استاد الشعرہ استاد پيرل پرديسي سيتائي، بشير سيتائي، دلشاد بلوچ سيتائي ،فياض بلوچ ،اصغر سيتائي ،غريب گل سيتائي ،مسرور سيتائي ۽ شبيرڻ پاٽائي جي ياد ۾ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جڏهن ته  فياض بلوچ جي ٻن ڪتابن “پري پري گذر نه ڪر” ڳالهيون ڳڻڻ واريون ” ۽ اصغر سيتائي جي شعري مجموعي سونهن کي سلام” جو مهورت  ٿيو. تقريب جا اعزازي مهمان رفيق سيال، رضا لانگاھ، رجب آزاد، ايم ظفر ٽڳر قمر ڀان ذوالفقار گاڏهي ۽ وسيم آڪاش سيتائي هئا.صحافي ۽ ليکڪ  آزاد انور ڪانڌڙو چيو ته سيتاروڊ سدا حيات ۽ سدا بهار ماڻهن جو شهر آهي، سيتا جي اديبن، شاعرن ادب ۽ ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪئي آهي. بشير سيتائي، پيرل پرديسي سيتائي، فياض بلوچ، دلشاد بلوچ سيتائي، اصغر سيتائي، غريب گل سيتائي، مسرور سيتائي ۽ شبيرڻ پاٽائي ۽ ٻيا سنڌي ٻوليءَ جا وڏا محسن هئا، سندن ادبي خدمتون هميشه ياد رهنديون. تاج جويو چيو ته سيتاروڊ 1936ع ۾ بمبئي کان سنڌ جي آزاديءَ واري وقت کان ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ هڪ اهم شهر رهيو آهي، مولوي عبدالغفور سيتائيء  کان پيرل پرديسي سيتائي تائين، بشير سيتائي کان مسعود رند تائين سيتاروڊ ۾ شعر و ادب جا سر چشما ساوا آهن.