شهدادڪوٽ ( ڊ ر )شھدادڪوٽ جي ٽانوري شاخ ڀرسان واٽرسپلاءِ ڪالوني ۾ ڪپڙا ڌوئڻ دوران بجلي جي تار  مان ڪرنٽ لڳڻ سبب5 ٻارڙن جي ماءُ 35 سال جي اميران زال رياض ا ٻٻر فوت ٿي وئي. اسپتال مان لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مڙھ گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. رياض ٻٻر ميڊيا کي ٻڌايو ته گهر مٿان گذرندڙ بجلي جي تار ڪرڻ سبب منهنجي گهر واري ڪرنٽ لڳڻ سبب بيھوش ٿي وئي، اسپتال فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.