مٺي/ڪلوئي (نمائندن وٽان) مٺي ڀرسان عوامي تحريڪ جي کاھوڙي ڪردار مرحوم حسن پسايو جي 20 هين ورسي ۽ ڊجيٽل آدمشماري خلاف ڳوٺ کوروڙو ۾ عوامي جلسو ڪوٺايو ويو، جلسي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، اوڀايو جوڻيجو، ميرحسن آريسر، وسند ٿري، مجيد پسايو، اشرف رند، اياز کوسو، مگھنو ڪولھي،  نور محمد بجير ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حسن پسايو ھڪ اڻوسرندڙ باب آھي، جنھن مشڪل دور ۾ ظالم قوتن سان مقابلو ڪري مظلومن جو ساٿ ڏنو، هنن چيو ته مقامي وڏيرن ڪيترائي ڀيرا ڪوڙن ڪيسن ۾ کيس ڦاسائڻ جون سازشون ڪيون پر هو پنهنجي مقصد تان نه هٽيو، هنن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ سازش سٽي وئي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.