ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور شهر ۾ ڏُکويل سُڏڪويل سنڌ جي عاشق ڪامريڊ مٺو مهيري جي ياد ۾  ڪڙيوگهنور جي  پريس ڪلب ميڊيا ۽ علم دوستن طرفان  مٺو مهيري ڪتابي ميلو. جاري آھيڪڙيوگهنور شھر ۾ فاضل راهو چوڪ تي سنڌ جي مزاحمتي اديب شاعر قومي ڳائيڪ شھيد فاضل راهو رسول بخش پليجي جي ساٿي ڏُکويل سُڏ ڪويل سنڌ جي عاشق لطيف جي پارکو  ڪامريڊ مٺو مهيري جي ياد ۾ ٻه روزه علمي ادبي سياسي شعوري  ڪتابي ميلو ٻي  ڏينهن به جاري، ڪتابن  جي عاشقن جي ميلي، ۾  وڏي رش نظر آئي .جڏھن ته  ميلي ۾ وڏي پيماني تي سنڌ کان وٺي دنيا جي ڏاھن ترقي پسند روشن خيال علم جي ماهرن جي ڪتابن جو وڪرو اڄ به جاري آھي، ميلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو غلام حيدر سڪندر مهيري، لاڙجي مزاحمتي شاعر حافظ محمد نظاماڻي. صحافي مصطفي اياز مهيري. ڪامريڊ مٺو مهيري جي پٽ مهراڻ. مرتضي. محبوب، مٺي جي ڀاءۡ علي خان مهيري، شاعر اشرف چانڊيو. اڳوڻي ڊپٽي ڊي اي او تعليم بدين سائين علي غلام نومڙيو، وڪيل اسد الله نومڙيو، شاعر مير محمد نظامآڻي، گيان چند مهيشوري، ڪامريڊ ھميرو مل ،پير فراز شاه مظفر شاه. شاعر غلام رسول گوهر . تپيدار دودو مهيري ڪامريڊ علي محمد نظاماڻي،سميت شھر جي سرڪاري توڙي نجي اسڪولن،جي استادن سوين شاگردن سان گڏ جي ميلي مان  ڪتاب خريد ڪيا.