سيالڪوٽ ۾ مڙس جي انتظار ۾ بيٺل عورت اغوا، مبينا اجتماعي زيادتي

0
386
سيالڪوٽ ۾ مڙس جي

ڪراچي(م ڊ) پنجاب جي علائقي سيالڪوٽ ۾ پيٽرول پمپ جي ٻاهر مڙس جي انتظار ۾ بيٺل عورت کي اغوا کانپوءِ مبينا طور اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي.

صدر ٿاڻي جي علائقي ۾ عورت جو مڙس پيٽرول وجهرائڻ ويو ته 5 اڻڄاتل جوابدار عورت کي گاڏي ۾ اغوا ڪري ويا ۽ مبينا طور تي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او گجرانوالا کان نوٽيس طلب ڪري ورتو ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو.