اسلام آباد/ پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومت ۽ پي ٽي آءِ موجوده سياسي بحران جي حل لاءِ وچيون رستو ڪڍڻ جي تجويز ڏيندي طئه ڪيو آهي ته ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبليون بحال ٿي وڃن ته  ڳالهين جو رستو نڪري سگهي ٿو. ان ڏس ۾ ملڪ ۾ جاري سياسي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر(پي ٽي آءِ) جي اڳواڻن وچ ۾ غير رسمي ملاقات ٿي، جنهن ۾ طئي ڪيو ويو ته اسيمبلين جي بحالي سان ڳالهين جو رستو هموار ٿيندو.خانگي ٽي وي چينل جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز خٽڪ جي زال جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ اياز صادق سندس گھر پهتا، جتي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن وچ ۾ غير رسمي ملاقات به ٿي. حڪومتي وفد اچڻ تي پي ٽي آءِ جو صدر چوڌري پرويز الاهي اڳواڻن کي ڳلي لاتو ۽ پيدا ٿيل بحران جو حل ڪڍڻ تي اتفاق به ڪيو. ٻنهي ڌرين جي اڳواڻن جي ڳالهين ۾ طئي ٿيو ته ڪي پي اسيمبلي جي بحالي به بحران حل ڪري سگهي ٿي جڏهن ته ٻئي اسيمبليون بحال ٿي وڃن ته ڳالهين جي ميز تي ويهي رستو هموار ڪري سگھجي ٿو. ٻنهي ڌرين ان تجويز تي غور ڪيو ۽ ڳالهين جي ميز تي ويهي مسئلا حل ڪرڻ تي به زور ڏنو.خواجه سعد رفيق پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته اسان جو توهان سان رابطو آهي، ٻڌو آهي پي ٽي آءِ ڳالهين واري ڪاميٽي جا نالا تبديل ڪري ڇڏيا آهن. ان موقعي تي پرويز الاهي چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي جي نگران حڪومتن جو مدو ختم ٿيڻ سان نئون بحران پيدا ٿي ويو آهي. جنهن بعد پي ٽي آءِ پاران عدالت ۾ درخواست داخل ڪنداسين، سموريون پارٽيون سپريم ڪورٽ جي احترام تي قائم آهن.