ٽنڊو الهيار: پ پ اڳواڻ نياز مري جي قتل جو انڪشاف: هڪ جوابدار گرفتار

0
186

ٽنڊوالهيار (رپورٽر ) ٽنڊوالهيار ويجهو بااثر شخصيت نياز مري جو لاش هٿ اچڻ بعد پوليس ڇاپو هڻي هڪ شڪي کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن قتل جو انڪشاف ڪيو آهي

بي سيڪشن پوليس سي سي ٽي فوٽيج جي مدد سان نگينا ڪالوني ۾ ھڪ گهر تي ڇاپو هڻي شيو رام ڪولهي نالي شخص کي گرفتار ڪيو، جوابدار ڏوھه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته  نياز مري کي هن پنهنجي ٻن ساٿين جي مدد سان گھر ۾ ڇرين جا وار ڪري  قتل ڪيو هو

جوابدار پوليس آڏو پنهنجي اعترافي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته نياز مري کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش چنگجي لوڊر ۾ کڻي چمبڙ باءِ پاس وٽ نصير ڪيئنال  ۾اڇلايو ھو

ٻئي طرف  نياز مري جي ڀاءُ گل محمد جي فرياد تي منگل ڪولھي. شيورام ڪولھي ۽ ھيرو ڪولھي ۽ ٻن نامعلوم تي قتل جي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آھي

مقتول جي ڀاءُ گل محمد مري ۽ ٻين وارثن ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته نياز مري، غلام قادر مري جي ٻني سنڀاليندو هو گذريل  شام7 وڳي تائين اسانجو هن سان رابطو رهيو، هو گهران ٽنڊوالهيار وڃڻ جو چئي نڪتو هو، جنهن بعد ٻئي ڏينهن اسانکي هن جو لاش مليو آهي

واضح رهي ته نياز مري پ پ جو ضلعي اڳواڻ ۽ آصف زرداري جي مينيجر غلام قادر مري جي ويجهن ساٿين ۾ سمجهو ويندو هو