جيڪب آباد ۾ مقابلو: اي ايس آءِ سميت 6 اهلڪار شهيد

0
186

جيڪب آباد ڀرسان ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ بلوچستان پوليس جا 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته 3 کان وڌيڪ اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن

مولا داد ٿاڻي جي حد ۾ بلوچستان پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿيو، شهيدن ۾ سب انسپيڪٽر طيب عمراڻي، اهلڪار وهاب، نثار احمد ۽ ٻيا شامل آهن

جيڪب آباد پوليس جو چوڻ آهي ته اوستاد محمد واسي واپاري جي نوجوان پُٽ کي مبينا اغوا ڪري سنڌ جي حدن ۾ منتقل ڪيو ويو هو

مغوي جي موجودگي جي اطلاع تي بلوچستان پوليس ڪارروائي ڪئي، مولا داد ٿاڻي جي حد ۾ بلوچستان پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿيو هو