سُپريم ڪورٽ جي ڪاز لسٽ مان چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي بئنچ ڊي لسٽ ٿي وئي

0
353
آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس
آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد: سُپريم ڪورٽ جي ڪاز لسٽ مان چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي بئنچ ڊي لسٽ ٿي وئي آهي

 سُپريم ڪورٽ جي رجسٽرار نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو آهي ته بئنچ آڏو اڄ 12 ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر هئا، جِن کي ڊي لسٽ ڪيو ويو آهي

چيف جسٽس جي بئنچ ۾ جسٽس جمال خان مندو خيل ۽ جسٽس اطهر من الله شامل هئا، نوٽيفڪيشن ۾ بئنچ ڊي لسٽ ڪرڻ جا ڪارڻ نه ٻڌايا ويا

 سُپريم ڪورٽ جي بئنچ نمبر 2 جا ڪيسز فهرست مان خارج، جسٽس طارق مسعود ۽ جسٽس شاهد وحيد تي ٻڌل بئنچ به ڊي لسٽ ٿي وئي آهي

هي به پڙهندا

چيف جسٽس پنهنجي سس نه پر قوم جو آواز  ٻڌي: راڻا ثناءَ