ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون ۽ ڊالر ۾ تيزي: سون 800 رپيا في تولو مهانگو، ڊالر ۾ به 20 پئسن جي واڌ، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 800 رپيا واڌ سان 104000 مان 104800 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي 1360 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 20 پئسا واڌ 153.8 مان 154 رپين تي پهچي ويو، جڏهن ته پائونڊ هڪ رپيو لاٿ سان 215 مان 214 رپين تي پهتو، ٻئي طرف يورو 185.5 رپين تي بيٺل رهيو .