بدين (رپورٽر) بدين ۾ ڪڍڻ واسي عورتن جو پوليس ۽ بااثر خلاف احتجاج، زمين تي قبضي جو الزام. ڳوٺ حاجي شاھ جي رهواسي عورتن مسمات نورجھان شاھ، مسمات ڪزبانو، سنڌ بي بي شاھ ۽ ٻين بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جو بااثر الهڏنو عرف پپو شاھ ۽سندس ساٿاري هٿياربندن اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ بعد لکين رپين جو فصل ڀيلائي ڇڏيوآهي. گذريل ڏينهن هٿياربندن حملو ڪري نوجوان حسين شاھ ۽ ڪجهه عورتن کي زخمي ڪري ڇڏيو. ڪڍڻ ٿاڻي جي ايس ايچ او کي درخواست ڏني پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران اسان کي ٿاڻي مان ڌڪا ڏئي روانو ڪري ڇڏيو. هنن سنڌ آءِ سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل بااثرن ۽ ايس ايچ او ڪڍڻ خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.