خيرپور (رپورٽر) سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي 23 تنظيمن پاران جوڙيل سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائينس جو ورڪرز ڪنويشن ناز پائيلٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور ۾ منعقد ڪيو. چيئرمين حاجي محمد اشرف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي 23 تنظيمن پاران گڏيل طور تي هي الائنس جوڙيو ويو آهي، هر کاتي جي ملازمن جا مسئلا جيڪڏهن حل ڪيا وڃن ها ته اسان کي هي الائنس ٺاهڻ جي ضرورت نه پوي ها. هن چيو ته حڪومت 25 فيصد ملازمن جون پگهارون وڌائڻ جو اعلان ڪيو جنهن تي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي حڪومت ته عمل ڪيو آهي پر سنڌ سرڪار ننڊ ۾ آهي، سمورن ملازمن جو گروپ انشورنس وارو مسئلو به حل نه ٿي سگهيو آهي، گروپ انشورنس سنڌ جي غريب ملازمن جو پئسو آهي، سمورن ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ملڻ گهرجي، موجوده دور ۾ پگهارون آن لائين ٿيڻ گهرجي، ملازمن کي ڪانٽريڪٽ بنياد تي نوڪريون ڏيڻ بدران انهن کي مستقل طور تي نوڪريون ڏنيون وڃن، سينارٽي جي بنياد تي ملازمن کي پروموشن ڏنا وڃن، سنڌ جي ملازمن کي هيلٿ ڪارڊ ڏنو وڃي. هن چيو ته اسان صحافي برادري کي به مزدور ۽ ملازم ٿا سمجهون انهن کي به هيلٿ ڪارڊ ڏنا وڃن. هنن چيو ته حڪومت چوي ٿي ته اسان کي جاپان سان مقابلو ڪرڻو آهي پر هِتي سرڪار سرڪاري ملازمن کي سهولتون ڏيڻ بدران انهن سان زيادتيون ڪري رهي آهي تازو فيض آباد ڪالوني خيرپور ۾ سرڪاري ڪوارٽر ڊاهي پٽ ڪري سرڪاري ملازمن کي دربدر ڪيو ويو آهي تنهن ڪري ملازمن خلاف اهڙيون ڪاروائيون ڪرڻ بدران انهن کي سرڪاري ڪوارٽر الاٽ ڪرڻ سان گڏ ملازمن جون هائوسنگ ڪالونيون ٺاهيون وڃن. هن اعلان ڪيو ته 25 مئي تي سرڪاري ملازمن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران چار لک سرڪاري ملازم گڏ ڪنداسين