ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ رمضان دوران ڀاڄيون، ميوات ۽ ٻيون شيون مهانگيون وڪرو ڪندڙ 4800 کان وڌيڪ دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪري 70 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ وصول ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان پرائيس ڪنٽرول بابت خاص معاون ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو ته ڪراچي ڊويزن ۾ 1100 کان وڌيڪ منافعي خورن تي 42 لک 25 هزار، حيدرآباد ڊويزن ۾ 1100 منافعي خورن تي 17 لک 24 هزار، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 670 منافعو ڪمائيندڙن تي 3 لک 21 هزار، ميرپور خاص ڊويزن ۾ 454 منافعي خورن تي 5 لک 13 هزار، شهيد بينظير آباد ۾ 702 منافعي خورن تي 5 لک 77 هزار روپيا ۽ سکر ڊويزن ۾ 719 منافعي خورن تي 4 لک 39 هزار ڏنڊ لڳايو ويو آهي.