ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون ٻيهر 500 رپيا واڌ سان 181500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته ڊالر 235.5 رپين تي برقرار هيو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  500 رپيا واڌ سان 181000 مان 181500 رپيا في تولو تي پهتو، جڏهن ته چاندي2200 رپين تي برقرار رهي، ڊالر انٽر بينڪ ۾ 4 پئسا واڌ سان 226.41 رپين تي بند ٿيو، هوڏانهن  پائونڊ ڏيڍ رپيو لاٿ سان  301 مان 299.5 ۽ يورو  50 پئسا لاٿ سان 263.5 مان 263 رپين تي پهتو