سال 2022ع دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ سوڌو ماتحت عدالتن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڪيس رهجي ويا

0
247

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سال 2022ع دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ سوڌو ماتحت عدالتن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڪيس رهجي ويا آهن، ڪراچي ۾ 67 هزار ٽي سئو 48 ۽ حيدرآباد ۾ 30 هزار 2 سئو 43 ڪيس پينڊنگ ۾ پيل آهن

سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت سنڌ جي مختلف ماتحت ڪورٽن ۾ هڪ لک 20 هزار  877 ڪيس اُڪلائجي نه سگهيا

ڪراچي ۾ 67 هزار ٽي سئو 48 ۽ حيدرآباد ۾ 30 هزار 2 سئو 43 ڪيس پينڊنگ ۾ پيل آهن

سکر  ۽ لاڙڪاڻي سميت ٻين ڪورٽن ۾ به هزارين ڪيس اڃا تائين اُڪلائجي نه سگهيا

هلندڙ سال ڪيسز جو انگ گهٽجڻ بدران وڌي ويو، سال 2022ع ۾ به شهرين کي انصاف نه مليو

اڳوڻي جج ۽ سينيئر وڪيل شاهد سومرو ڪيسز جي انگ وڌڻ جو سبب ججز جي کوٽ قرار ڏئي ڇڏيو

قانوندان شاهد سومرو موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 40 ججز جي جاءِ تي 30 جج ڪم ڪري رهيا آهن، 10 جايون خالي آهن