مريد شاخ (ن پ ا) مريد شاخ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف، انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل. آبادگارن صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته 2250 رپين واري يوريا ڀاڻ جي ٻوري 2800 کان 3 هزار روپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي. وقت سر فصل کي ڀاڻ نه ملڻ سبب ڪڻڪ سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهي آهي پر انتظاميا خاموش تماشي بڻيل آهي. هنن جو چوڻ هو ته هڪ پاسي برساتن سبب فصل تباهه ٿي ويا ۽ هاڻي ڀاڻ بليڪ مارڪيٽنگ ننڍن آبادگارن ۽ هارين کي پريشان ڪيو پيو وڃي. هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته بليڪ تي يوريا ڀاڻ وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري آبادگارن کي ڦرلٽ کان بچايو وڃي.